جهڙا گل گلاب جا- جلد 1-2 (ڪتاب)

جهڙا گل گلاب جا- جلد 1-2 (ڪتاب)

جهڙا گل گلاب جا ڪتاب

جهڙا گل گلاب جا- جلد 1-2 (ڪتاب): ’جهڙا گل گلاب جا‘ ڪتاب، ٻن حصن ۾، نامياري اديب ۽ اسڪالر غلام رباني آگري جي مختلف عالمن ۽ اديبن تي لکيل خاڪن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ ڇهن شخصيتن: علامه آءِ آءِ قاضي، عبداللطيف آگري، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، عثمان علي انصاري، سيد ميران محمد شاهه ۽ پير حسام الدين راشديءَ جا خاڪا شامل آهن. ’جهڙا گل گلاب جا‘ (حصو پهريون) پهريون ڇاپو 1991ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي. هي حصو ڊيمي سائيز جي 280 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 150 رپيا آهي. هن ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ 17 شخصيتن:شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي مولا بخش سومري، نواب نور احمد خان لغاري، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا عبدالواحد سنڌي، ٻيڙي فقير ڪنڀر، مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽي، رشيد ڀٽي، صديق سالڪ، ايڇ ٽي لئمبرڪ، محمد امين خان کوسي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، محمد ابراهيم جويي، شفيق الرحمان، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ غني خان جا خاڪا شامل آهن. هن ٻئي حصي جو پهريون ڇاپو 1991ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي. ٻئي حصي ۾ 230 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت 150 روپيا آهي. هن ڪتاب مان غلام ربانيءَ جي حسين نثري تحرير جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ڄاڻايل شخصيتن جي خاڪا نگاريءَ جو نه رڳو حق ادا ڪيو آهي، پر هي ڪتاب ’خاڪا نگاريءَ‘ جي فن جو شاهڪار آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو